آچر خاصخيلي

آچر خاصخيلي

آچر خاصخيلي

آچر خاصخيلي: ليکڪ ۽ صحافي محمد آچر ولد پيارو خان خاصخيلي ۸ نومبر ۱۹۷۷ع تي ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ انٽر جو امتحان ٽنڊي آدم مان پاس ڪيو. صحافت جي شروعات ۱۹۹۵ع ۾ ’سوال‘ اخبار ٽنڊي آدم جي رپورٽر طور ڪئي. ان کانپوءِ’بختور‘، ’هلال پاڪستان‘، ’مھراڻ‘، ’عوامي آواز‘ ۽ ٻين اخبارن ۾ به رپورٽر طور ڪم ڪيو. پاڻ ’مھراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي‘ ذريعي ضلعي سانگهڙ سميت سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪيو. سنڌ جي اهم معاملن تي مختلف اخبارن، رسالن ۽ ٽي وي چئنلن لاءِ ڪيترائي مضمون ۽ اسٽوريون لکيون. هن ضلعي سانگهڙ جي تاريخ بابت ڪيترائي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سماجي پروگرام ڪرايا. ’مھراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي‘ پاران ٽنڊي آدم ۾ سنڌ ثقافتي ڪانفرنس جا ۶ کان وڌيڪ پروگرام ڪرايا، جڏهن ته ٽنڊي آدم جي تاريخ ۾ عورتن جي ثقافتي ڪانفرنس سميت ادبي ميلا به ڪرايا. ٽنڊي آدم پريس ڪلب جي عھديدار جي حيثيت ۾، ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي چئنل، ٽنڊي آدم جي اهم واقعن بابت ساڻس رابطو ڪري معلومات وٺندا ھئا. ۶ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي ۽ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.11.08  عيسوي

ليکڪ ۽ صحافي محمد آچر ولد پيارو خان خاصخيلي ۸ نومبر ۱۹۷۷ع تي ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خٽڪ عبدالجبار
اسد ڀٽي
علي قاضي
خير محمد کوکر
اشرف جروار
رڪ سنڌي
شيرين زئور
گلڻ خان ڀنڊ
غلام حسين خاصخيلي
توفيق علي منگي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون